جمعة الوداع

جمعة الوداع: جمعة الوداع ماهه رمضان جي آخري جمعي کي چيو ويندو آهي. رمضان جو بابرڪت مهينو مسلمانن لاءِ تمام ڀلارو، خير ۽ برڪت جو مهينو آهي. انهيءَ ڪري هن مهيني جي آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ هن جي اختتام تي غم جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر روزن کانپوءِ عيد تي الله جي حڪم سان خوشيون ملهايون وينديون آهن. رمضان جي آخري جمعي تي وڌ کان وڌ مسلمان جمعي جي نماز ادا ڪندا آهن. هن ڏينهن کي تمام ڀلارو ۽ بابرڪت تصور ڪيو ويندو آهي .


لفظ جمعة الوداعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو